احمد خان برهماڻي

احمد خان برهماڻي: هيءُ ڳوٺ تعلقي دادوءَ جي ديهه ’مخدوم صاحب‘ ۾ آباد آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار پرائمري اسڪول، واٽر سپلاءِ، ڊسپينسري وغيره جي سهوليت موجود آهي. هن ڳوٺ مٿان ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع) دوران فوجي آپريشن ڪيو ويو. پرامن احتجاج ڪندڙ هٿين خالي ڳوٺاڻن تي بم ۽ گوليون وسائي ڪيترن کي شهيد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو